آغا ظفر

آغا ظفر

آغا ظفر

آغا ظفر: ڪھاڻيڪار، شاعر، ڊراما نويس، هدايتڪار، اداڪار ۽ صحافي آغا ظفر خان ولد ڊاڪٽر آغا محمد عظيم پھرين اپريل 1966ع تي ڀان سعيد آباد، تعلقي سيوهڻ، ضلعي ڄامشوري ۾ ڄائو. ڀان سعيدآباد مان ابتدائي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ موري شھر مان مئٽرڪ ۽ انٽر ڪئي. بي.اي (1990ع) ۽ ايم.اي (انٽرنيشنل رليشنز، 1991ع) جون ڊگريون سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪيون. هن لکڻ جي شروعات 2000ع کان ڪئي، سندس لکڻيون ’نئين زندگي‘، ’مھراڻ‘، ’سرتيون‘، ’عبرت مئگزين‘، هالار ڊائجسٽ‘، ’ڪاوش‘، ’هزار داستان‘ ۽ ٻين ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل آهن. هن شاعريءَ ۾ نظم، گيت، غزل، وائي ۽ بيت جھڙين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، ان کانسواءِ ڪھاڻيون، ڪالم، تحقيقي مقالا ۽ اسٽيج ناٽڪ به لکيا آهن. هن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي ۾ موجود لوڪ قصن کي پنھنجي اسٽيج ناٽڪن ۾ پيش ڪيو آهي. هي ٽي. وي اسٽيج ڪمپيئر آهي ۽ پنھنجي شاعريءَ جون ڌنون به ترتيب ڏنيون اٿس. آغا ظفر 1996ع کان سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي آفيس ۾ آٿورائيز پرسن ۽ يوٽيوبر هجڻ سان گڏ روزاني ’ڪلياڻ‘ اخبار جو اعزازي ايڊيٽر به آهي. هن ڪيترن ئي ڪتابن جا مھاڳ لکيا آهن. سندس ٻه ڪتاب ”ڊرامون- تاريخ ۽ هيئت“ ۽ ”شاعري ڳالھائي ٿي“ (شاعريءَ جو گڏيل مجموعو) شايع ٿيل آهن.


لفظ آغا ظفرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1966.04.01  عيسوي

ڪھاڻيڪار، شاعر، ڊراما نويس، هدايتڪار، اداڪار ۽ صحافي آغا ظفر خان ولد ڊاڪٽر آغا محمد عظيم پھرين اپريل 1966ع تي ڀان سعيد آباد، تعلقي سيوهڻ، ضلعي ڄامشوري ۾ ڄائو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ايڇ جي ويلز
ديوي ناگراڻي
چاولا ارجن
پنجواڻي رام پروفيسر
عبدالحليم شرر
ليلارام رچنداڻي
رزاق سروهي
سدورو مل ايم راجپوت
پرويش شاهين
زيب سنڌي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون